Tuesday, April 7, 2020

#Covid_19 سماجي بي حسي ۽ ڪرونا جا ڪلور


#Covid_19
سماجي بي حسي ۽ ڪرونا جا ڪلور
پھريون دفعو پاڪستان ۾ 26 فيبروري 2020 تي ڪرونا وائرس جا سرڪاري طور 2 مريض رپورٽ ٿيا ھئا، جڏھن ته 2 مارچ تائين 5 مريض رپورٽ ٿيا ھئا. جڏھن ته 11 مارچ تائين 76 مريص رپورٽ ٿي چڪا ھئا.1 اپريل 2020 تائين 2291 ۽ جڏھن ته 3 اپريل تائين پاڪستان ۾ 2708 مريض رپورٽ ٿي چڪا آھن.
جڏھن ته ان معاملي تي به سياست سياست کيڏڻ وارا به پنھنجي حرڪتن کان باز نه آيا، جيڪا اڄ به جاري آھي.
تنھن ھوندي به جنھن جيترو به خدمت جي جذبي طورپنھنجو حصو ملايوان کي تاريخ ياد رکندي.خاص طور تي ڊاڪٽرس ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف ، سڪيورٽي ادارا ۽ سماجي خدمتگار تعريف جا مستحق آھن.
سکڻا دلاسا،ارمان،حسرتون،ڪروڌ ۽ ڪاوڙ ۾ تبديل ٿي رھيا آھن.سرنديءَ وارا پنھنجن علائقن ۾ ضرورتمندن جي پرگھور ڪري رھيا آھن. ساڳي ئي وقت ڪجھ نادان تصويري شغل طور سفيد پوش بي روزگار ۽ بي پھچ ڪٽنبن جون تذليلون پڻ ڪري رھيا آھن. اھڙي رونشيبازن کان ڪجھ ضرورتمند وٺڻ بدران بک سبب موت کي ترجيح ڏين ٿا. اھڙي ئي وارتا وڏي گھر ۾ رھندڙ سفيد پوش مونسان اوري ۽ پنھنجا حال ٻڌائيندي مونسان روئي ويٺو.
جُه سي لوڙائو ٿيا، جنين سندي ڌير،
ماروئڙا فقير، ڪنهن در ڏيندا دانهڙي

سچ پچ ھن ڏکئي وقت ۾ اگر انفرادي طور خدمتگار، سماجي تنظيمون ۽ حڪومتون سچي جذبي سان خدمت ڪرڻ گھرن ته رات 4 وڳي کان صبح 6 وڳي تائين دروازا کڙڪائي ننڊ پيلن کي اٿاري سندن سھائتا جا تحفا ڏين ته ان کان وڌيڪ ڪو سٺو طريقو ناھي. باقي سندن مرضي منھنجو ڪم مخلفت يا ھروڀرو خوشامد ۾ تعريفون لکڻ ناھي.
اھا پڻ حقيقت آھي ته سماجي تبديلين ماڻھن کي محدود ڪري ڇڏيو آھي، اجتماعي کان انفرادي طور طريقن واري زندگي معاشي، معاشريتي ۽ نفسياتي مونجھارا پيدا ڪري ڇڏيا آھن بلڪل ھڪ نئين دنيا ۽ نون طورطريقن طرف دنيا جون سموريون قومون راوان دوان آھن .
ھڪ ڳالھ بلڪل عيان آھي ته ڪرونا جو ڪو مذھب، فرقو، قوم ۽ رنگ ناھي. اھا ٻي ڳالھ آھي ته پاڪستان ۾ مافيا پنھنجي منافقت نه ڇڏي آھي، اڄ به امير ويتر امير ۽ غريب ۽ وچولو طبقو ويتر تنزلي طرف وڌڻ لڳو آھي پر ياد رکڻ گھرجي ته ڪي بک سبب ۽ ڪي وبا سبب پنھنجي پنھنجي مليل عمر پوري ڪندا.
سماجي بي حسي ان کان وڌيڪ ڪھڙي ھوندي جو اڄ مونکي ڪنھن ٻڌايو ته ڪو ماڻھو پاڙي واري مسجد ۾ 3 بارڙا ڇڏي عائب ٿي ويو ....بک ۽ بي روزگاريءَ ماڻھن جو جيئڻ مشڪل ڪري ڇڏيو آھي.
سماجي بي حسي ان کان وڌيڪ ڪھڙي چئبي جو ماڻھو ڪرونا مريض کي ۽ سندس فيملي کي اڇوت سمجھي ساڻن نفرت ڪري رھيا آھن ساڻن بيماري کان ڪفن دفن تائين ڪھڙا نه لڱ ڪانڊاريندڙ معملا ٿي رھيا آھن، سچ پچ اھڙي سماجي اٿل پٿل ڏاڊي ڏکوئيندڙ آھي.
پوءِ به ھڪ ڳالھ ياد رکڻ گھرجي ھيءَ تڪليف عارضي آھي.
سدائين گڏ
ذوالفقاربھڻ
ڪراچي
5اپريل 2020

Saturday, April 4, 2020

نه سي ووئڻ وڻن، نه سي ڪاتاريون، پَسيو بازاريون ، ھينئڙو مون لُوڻُ ٿئي....


نه سي ووئڻ وڻن، نه سي ڪاتاريون،
پَسيو بازاريون ، ھينئڙو مون لُوڻُ ٿئي....
اھا حقيقت آھي ته اوھان چار ڏينھن منظر تان غائب ٿي ڏسو، اوھان ڏسندئو ته ماڻھو اوھان جو نالو به وساري ڇڏيندا. جڏھن ته انسان ان فريب ۾ زندگي گذاري ڇڏيندو آھي ته ھو ٻين لاءِ اھم آھي ۽ اھڙي خودفريبي کيس پنھنجو به ٿيڻ نه ڏيندي آھي. ليڪن حيقت اھا آھي ته اسانجي ھجڻ نه ھجڻ سان ڪنھن تي ڪو فرق نه ٿو اچي.
ايتري قدر جو ڪنھن جي مري وڃڻ تي به ھڪ اڌ ڏينھن فيسبڪ تي مختلف ڪمينٽس ۾ ويري سيڊ، ريسٽ ان پيس وغيرھ وغيرھ لکي ماڻھو پنھنجي پنھنجي زندگيءَ جي رعناين ۾ گم ٿي ويندا۽ ھيءَ اھا حقيقت آھي جنھن کان اسين ڄاڻي واڻي نظر چورائيندا آھيون.
ڪافي عرصو سماجي رابطن واري ويئبسائيٽس تان پاسيرو رھيس اچ سوچيم ڇونه سڄنن کي سڌ ڏجي ته اڃا جيئون پيا.

ساٿيو
عالمي وبا ڪرونا #Covid-19 شھر،ڳوٺ واھڻ۽ وستين کي پنھنجي وحشت ۾ وڪوڙي ڇڏيو آھي.ڏيھاڙيدارن ۽ بيروزگارن جا لٿل منھن جيڪي ھر انيدڙ ويندڙ گاڏين کي تڪي نا اميد ٿي ھيٺ ڪنڌ ڪري روڊن تي ويٺل آھن تن کي ڏسي روح کي رھنڊون لڳن ٿيون. حڪومتي رڳو اعلان آھن ٻيو ته ٺھيو ماڻھن کي ڏيڻ بجائي وچولي ۽ پگھاردار طبقي کان وٺڻ جو سلسلو جاري ساري آھي.
الغرص ائين محسوس ٿئي پيو ته ھر ھڪ NGOs) وغيرھ پنھنجي پنھنجي دڪانداري شروع ڪري ڏني آھي.خبر ۽ ميڊيا ٽي رھڻ جي چڪر ۾ زندگيون داءَ تي لڳل آھن.
خدارا !!!!!!!
گھرن ۾ رھو
مجبورن ٻاھر نڪرڻ وقت احتياتي تدبيرون اختيار ڪريو. جنھن ۾ ٽشو پيپر دستانا پائي نڪرو.
ھي ڏکيو وقت عارضي آھي نيٺ گذري ويندو.
پنھنجو ۽ پنھنجن پيارن جو خيال ڪريو.

ذوالفقاربھڻ
ڪراچي
1-4-2020
 

5000پھريان کان 5000ع تائين سن 5000 ع ۾ جڏھن تون مان نه ھونداسين

  5000 پھريان کان 5000ع   تائين سن 5000 ع ۾ جڏھن تون مان نه ھونداسين   وبائن وحشتن ۽ بربادين باوجود منھنجو ايمان آ ھي وش...