Saturday, April 4, 2020

نه سي ووئڻ وڻن، نه سي ڪاتاريون، پَسيو بازاريون ، ھينئڙو مون لُوڻُ ٿئي....


نه سي ووئڻ وڻن، نه سي ڪاتاريون،
پَسيو بازاريون ، ھينئڙو مون لُوڻُ ٿئي....
اھا حقيقت آھي ته اوھان چار ڏينھن منظر تان غائب ٿي ڏسو، اوھان ڏسندئو ته ماڻھو اوھان جو نالو به وساري ڇڏيندا. جڏھن ته انسان ان فريب ۾ زندگي گذاري ڇڏيندو آھي ته ھو ٻين لاءِ اھم آھي ۽ اھڙي خودفريبي کيس پنھنجو به ٿيڻ نه ڏيندي آھي. ليڪن حيقت اھا آھي ته اسانجي ھجڻ نه ھجڻ سان ڪنھن تي ڪو فرق نه ٿو اچي.
ايتري قدر جو ڪنھن جي مري وڃڻ تي به ھڪ اڌ ڏينھن فيسبڪ تي مختلف ڪمينٽس ۾ ويري سيڊ، ريسٽ ان پيس وغيرھ وغيرھ لکي ماڻھو پنھنجي پنھنجي زندگيءَ جي رعناين ۾ گم ٿي ويندا۽ ھيءَ اھا حقيقت آھي جنھن کان اسين ڄاڻي واڻي نظر چورائيندا آھيون.
ڪافي عرصو سماجي رابطن واري ويئبسائيٽس تان پاسيرو رھيس اچ سوچيم ڇونه سڄنن کي سڌ ڏجي ته اڃا جيئون پيا.

ساٿيو
عالمي وبا ڪرونا #Covid-19 شھر،ڳوٺ واھڻ۽ وستين کي پنھنجي وحشت ۾ وڪوڙي ڇڏيو آھي.ڏيھاڙيدارن ۽ بيروزگارن جا لٿل منھن جيڪي ھر انيدڙ ويندڙ گاڏين کي تڪي نا اميد ٿي ھيٺ ڪنڌ ڪري روڊن تي ويٺل آھن تن کي ڏسي روح کي رھنڊون لڳن ٿيون. حڪومتي رڳو اعلان آھن ٻيو ته ٺھيو ماڻھن کي ڏيڻ بجائي وچولي ۽ پگھاردار طبقي کان وٺڻ جو سلسلو جاري ساري آھي.
الغرص ائين محسوس ٿئي پيو ته ھر ھڪ NGOs) وغيرھ پنھنجي پنھنجي دڪانداري شروع ڪري ڏني آھي.خبر ۽ ميڊيا ٽي رھڻ جي چڪر ۾ زندگيون داءَ تي لڳل آھن.
خدارا !!!!!!!
گھرن ۾ رھو
مجبورن ٻاھر نڪرڻ وقت احتياتي تدبيرون اختيار ڪريو. جنھن ۾ ٽشو پيپر دستانا پائي نڪرو.
ھي ڏکيو وقت عارضي آھي نيٺ گذري ويندو.
پنھنجو ۽ پنھنجن پيارن جو خيال ڪريو.

ذوالفقاربھڻ
ڪراچي
1-4-2020
 

No comments:

Post a Comment

5000پھريان کان 5000ع تائين سن 5000 ع ۾ جڏھن تون مان نه ھونداسين

  5000 پھريان کان 5000ع   تائين سن 5000 ع ۾ جڏھن تون مان نه ھونداسين   وبائن وحشتن ۽ بربادين باوجود منھنجو ايمان آ ھي وش...