Monday, June 15, 2020

5000پھريان کان 5000ع تائين سن 5000 ع ۾ جڏھن تون مان نه ھونداسين





 وبائن وحشتن ۽ بربادين باوجود
منھنجو ايمان آ
ھي وشواس آ
ساڳيو آڪاش ھندو
ساڳي رات ھوندي
ساڳيو اجرو ڏينھن ھوندو
بارش جو موسم
گلن جو ٽڙڻ
خزائون سرديون ۽ گرميون
….سڀ ڪجھ ته ساڳيو ھوندو.
بس تون مان نه ھونداسين
 ....ھا.
تڏھن به محبوب جا ماڻا
ملاقات ، رُساما
خوشين جا ڳيچ
درد جون ڪوڪون
سچ ،ڪوڙ وفا فريب
سڀ ساڳيو ھوندو
ھا.....ھي به ويساھُ آ.
ھڪ ڳالھ پڻ ساڳي ھوندي
ڌرتيءَ سان محبت
جھڙي 5000 سال پھريان ھئي
 5000پھريان کان 5000ع  تائين
سن 5000 ع ۾ جڏھن تون مان نه ھونداسين


Sunday, May 17, 2020

دروازي تي، آس ٽنگيل اکين ۾، هيل به اوجاڳا


شاعري“ذوالفقاربھڻ
دروازي تي، آس ٽنگيل
اکين ۾، هيل به اوجاڳا
رات مٽيندي رهي پاسا
بتين ۾، هيل به اوجاڳا
ٽيڙوء جي ڀاڪر ۾ چنڊ
ڪتين ۾، ھيل به اوجاڳا
هَوا ۾ ڪُوڪَ وڇوڙي جي
گهٽين ۾، ھيل به اوجاڳا
دريا کي  ڪو روڪيو ويو آ
مڇين ۾ ھيل به اوجاڳا

ذوالفقارويران گھرسمورو
ڇتين ۾‌ ھيل به اوجاڳا

شاعري“ذوالفقاربھڻ


مصور تصوير ۾ رنگ ڀر شاعر اکرن ۾ ساھ وجھ گھٽ ٻوسٽ ۽ مايوسي


#نڪور #نثري #نظم #ذوالفقاربھڻ
مصور تصوير ۾ رنگ ڀر
شاعر اکرن ۾ ساھ وجھ
گھٽ ٻوسٽ ۽ مايوسي
لاچاري ، ھيڻائي بيوسي
ماڻھو جانور مثل
انت معلوم ھوندي به.....
ھڪ ٻئي جو ماس پيو کائي
رضا، عطا ، قَضي‘ بضد
عذاب ثواب کان بي نياز
معصوم ٻار، اداس فطرت
سمنڊ جيڏيون پريشانيون
ھي بي رنگ ماحول
اداس رستا، ويران شھر.....
ھانءُ وڊيندڙ صبح شامون
آسمان ڇھندڙ ڇولين جيان
جوان جذبن جو قتل
ھڪ دور جي وٿي
ٻاروتڻ کان پوڙھائپ ڏانھن سفر
اڪيلائپ جو سفر
وڇوٽين جو سفر
رت سفيد ٿيڻ جوغم
خوشبو، ٽھڪ، خواب
حقيقت ۾ تبديل ڪر
مصور تصوير ۾ رنگ ڀر
شاعر اکرن ۾ ساھ وجھ

Sunday, May 3, 2020

Zulfiqar behan poetry




اوھان به ٻڌو...
#Poetry_Zulfiqar_Behan
#Singer_Zahid_Ali_Zahid
فنڪار زاھد علي زاھد
ميوزيشن Naveed Naz Bhatti...
See more
-6:31

#سفيد_پوش ۽..




#سفيد_پوش ۽..
*************************
ھي سوال اڪثر ماڻھن مونکان به پڇيو ته سائين اڃا ڪيترا ڏينھن ھي لاڪ ڊائون ھلندو؟؟ کين ڪيئن ٻڌايان ۽ ڇا ٻڌايان انگ اکر ته ھڪ خطرناڪ صورتحال جي نشاندھي ڪن پيا، تڏھن به سندن لٿل منھن ڏسي منھنجو به ساڳيوئي جواب ھوندو آھي ته تمام جلد....
پاڪستان ۾ ڪرونا وبا کي تقريبن ھڪ مھينو ٿيڻ وارو آھي.تقريبن 20 ڏينھن کان ملڪ ۾ بيروزگارن ڏيھاڙي ڪمائڻ وارن جا چلھا ٿڌا ٿيڻ لڳا آھن. ھن ملڪ ۾ مڊل ڪلاس ۽ لوئر مڊل ڪلاس تي ھر ڏينھن ھڪ مصيبت جيان گذري رھيو آھي.
روزمرھ جو خرڄ ۽ ھلڪي ڦلڪي بيمارين تي خرچ سمجھ ۾ نٿو اچي ڪيترين جانين کي ڳڙڪائيندو .............اڄ به خبر پڙھيم ته ـ چار ڏينهن اڳ بيروزگاري سبب پاڻ کي باه ڏيندڙ پير محلا واسي نوجوان شاھزيب سھتو فوت ٿي ويو.
ھيترين مصيبتن ۽ آزمائشن جي باوجو مھانگائي عروج تي آھي بي پھچ ۽ بي سھارا ماڻھن کي لٽڻ جو سلسلوخانگي ۽ حڪومتي سطح تي اڄ به جاري ۽ ساري آھي. اڄ به ذخيرھ خور،ملاوٽ ڪرڻ وارا، نقلي شين کي مارڪيٽ ۾ وڪڻڻ وارا ٻين جي مرڻ تي تماشو ڏسڻ وارا، دولت جي ڊير تي ويٺل بي حس، پاڻ کي محفوظ سمجھڻ وارا سمجھي ڇڏين ته وبا امير غريب جو ڪو لحاظ نٿي ڪري.
افسوس ...سفيد پوشي جو سفيد ڪفن ڏانھن سفر جاري ٿي چڪو آھي، حڪمران لاڪ ڊائون لاڪ ڊائون راند ذريعي ماڻھن جي ھمدردي ۽ ڪجھ حڪمران وري لاڪ ڊائون نه لاڪ ڊائون نه واري راند زريعي ھمدردي وٺڻ ۾ مصروف آمطلب ھرڪوئي سياست سياست کيڏي رھيو آھي،ملڪي ۽ عوامي خزاني مان ڪجھ ماڻھن کي ڏيڻ وارا ان تي وڏو خرچوڪري تشھير به ڪرائي رھيا آھن جيڪو پڻ سمجھ کان باھر آھي.
اھا حقيقت آھي ڀلي مسجد، مندر، چرچ، مدرسا،اسڪول، ڪالج ۽ يونيورسٽيون، راندين جا ميدان ۽ ھوٽلون وغيرھ خالي ڇونه ھجن رات ۽ ڏينھن ، موسمون ۽ مھينا ،گرميون ۽ سرديون وسڪارا، گلن جو ٽڙڻ،فصلن جو ٿيڻ ان ڳالھ جي نشاني آھي ته زندگي جاري و ساري رھندي مصيبتون عارضي آھن. بس وس آھر ڪوشش ڪريو.....ٻين جي واھر ڪريو.
دعاگو
#Zulfiqar_Behan_ذوالفقاربھڻ
ڪراچي
12 اپريل 2020

آ جيسيتائين وبا جي موسم زوالفقار مان روز روز پيـــو ڊھـــند س




آ جيسيتائين وبا جي موسم زوالفقار
مان روز روز  پيـــو ڊھـــند س
#Zulfiqar_Behan
#1st_May #Labour_day #Covid_19
مونکي موڪل نـ کپي ڪم ڏيو صاحب
مزدورن جو ڏينھن پاڻ وٽ رکو صاحب
ذوالفقاربھڻ.
#Zulfiqar_Behan

Tuesday, April 7, 2020

#Covid_19 سماجي بي حسي ۽ ڪرونا جا ڪلور


#Covid_19
سماجي بي حسي ۽ ڪرونا جا ڪلور
پھريون دفعو پاڪستان ۾ 26 فيبروري 2020 تي ڪرونا وائرس جا سرڪاري طور 2 مريض رپورٽ ٿيا ھئا، جڏھن ته 2 مارچ تائين 5 مريض رپورٽ ٿيا ھئا. جڏھن ته 11 مارچ تائين 76 مريص رپورٽ ٿي چڪا ھئا.1 اپريل 2020 تائين 2291 ۽ جڏھن ته 3 اپريل تائين پاڪستان ۾ 2708 مريض رپورٽ ٿي چڪا آھن.
جڏھن ته ان معاملي تي به سياست سياست کيڏڻ وارا به پنھنجي حرڪتن کان باز نه آيا، جيڪا اڄ به جاري آھي.
تنھن ھوندي به جنھن جيترو به خدمت جي جذبي طورپنھنجو حصو ملايوان کي تاريخ ياد رکندي.خاص طور تي ڊاڪٽرس ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف ، سڪيورٽي ادارا ۽ سماجي خدمتگار تعريف جا مستحق آھن.
سکڻا دلاسا،ارمان،حسرتون،ڪروڌ ۽ ڪاوڙ ۾ تبديل ٿي رھيا آھن.سرنديءَ وارا پنھنجن علائقن ۾ ضرورتمندن جي پرگھور ڪري رھيا آھن. ساڳي ئي وقت ڪجھ نادان تصويري شغل طور سفيد پوش بي روزگار ۽ بي پھچ ڪٽنبن جون تذليلون پڻ ڪري رھيا آھن. اھڙي رونشيبازن کان ڪجھ ضرورتمند وٺڻ بدران بک سبب موت کي ترجيح ڏين ٿا. اھڙي ئي وارتا وڏي گھر ۾ رھندڙ سفيد پوش مونسان اوري ۽ پنھنجا حال ٻڌائيندي مونسان روئي ويٺو.
جُه سي لوڙائو ٿيا، جنين سندي ڌير،
ماروئڙا فقير، ڪنهن در ڏيندا دانهڙي

سچ پچ ھن ڏکئي وقت ۾ اگر انفرادي طور خدمتگار، سماجي تنظيمون ۽ حڪومتون سچي جذبي سان خدمت ڪرڻ گھرن ته رات 4 وڳي کان صبح 6 وڳي تائين دروازا کڙڪائي ننڊ پيلن کي اٿاري سندن سھائتا جا تحفا ڏين ته ان کان وڌيڪ ڪو سٺو طريقو ناھي. باقي سندن مرضي منھنجو ڪم مخلفت يا ھروڀرو خوشامد ۾ تعريفون لکڻ ناھي.
اھا پڻ حقيقت آھي ته سماجي تبديلين ماڻھن کي محدود ڪري ڇڏيو آھي، اجتماعي کان انفرادي طور طريقن واري زندگي معاشي، معاشريتي ۽ نفسياتي مونجھارا پيدا ڪري ڇڏيا آھن بلڪل ھڪ نئين دنيا ۽ نون طورطريقن طرف دنيا جون سموريون قومون راوان دوان آھن .
ھڪ ڳالھ بلڪل عيان آھي ته ڪرونا جو ڪو مذھب، فرقو، قوم ۽ رنگ ناھي. اھا ٻي ڳالھ آھي ته پاڪستان ۾ مافيا پنھنجي منافقت نه ڇڏي آھي، اڄ به امير ويتر امير ۽ غريب ۽ وچولو طبقو ويتر تنزلي طرف وڌڻ لڳو آھي پر ياد رکڻ گھرجي ته ڪي بک سبب ۽ ڪي وبا سبب پنھنجي پنھنجي مليل عمر پوري ڪندا.
سماجي بي حسي ان کان وڌيڪ ڪھڙي ھوندي جو اڄ مونکي ڪنھن ٻڌايو ته ڪو ماڻھو پاڙي واري مسجد ۾ 3 بارڙا ڇڏي عائب ٿي ويو ....بک ۽ بي روزگاريءَ ماڻھن جو جيئڻ مشڪل ڪري ڇڏيو آھي.
سماجي بي حسي ان کان وڌيڪ ڪھڙي چئبي جو ماڻھو ڪرونا مريض کي ۽ سندس فيملي کي اڇوت سمجھي ساڻن نفرت ڪري رھيا آھن ساڻن بيماري کان ڪفن دفن تائين ڪھڙا نه لڱ ڪانڊاريندڙ معملا ٿي رھيا آھن، سچ پچ اھڙي سماجي اٿل پٿل ڏاڊي ڏکوئيندڙ آھي.
پوءِ به ھڪ ڳالھ ياد رکڻ گھرجي ھيءَ تڪليف عارضي آھي.
سدائين گڏ
ذوالفقاربھڻ
ڪراچي
5اپريل 2020

Saturday, April 4, 2020

نه سي ووئڻ وڻن، نه سي ڪاتاريون، پَسيو بازاريون ، ھينئڙو مون لُوڻُ ٿئي....


نه سي ووئڻ وڻن، نه سي ڪاتاريون،
پَسيو بازاريون ، ھينئڙو مون لُوڻُ ٿئي....
اھا حقيقت آھي ته اوھان چار ڏينھن منظر تان غائب ٿي ڏسو، اوھان ڏسندئو ته ماڻھو اوھان جو نالو به وساري ڇڏيندا. جڏھن ته انسان ان فريب ۾ زندگي گذاري ڇڏيندو آھي ته ھو ٻين لاءِ اھم آھي ۽ اھڙي خودفريبي کيس پنھنجو به ٿيڻ نه ڏيندي آھي. ليڪن حيقت اھا آھي ته اسانجي ھجڻ نه ھجڻ سان ڪنھن تي ڪو فرق نه ٿو اچي.
ايتري قدر جو ڪنھن جي مري وڃڻ تي به ھڪ اڌ ڏينھن فيسبڪ تي مختلف ڪمينٽس ۾ ويري سيڊ، ريسٽ ان پيس وغيرھ وغيرھ لکي ماڻھو پنھنجي پنھنجي زندگيءَ جي رعناين ۾ گم ٿي ويندا۽ ھيءَ اھا حقيقت آھي جنھن کان اسين ڄاڻي واڻي نظر چورائيندا آھيون.
ڪافي عرصو سماجي رابطن واري ويئبسائيٽس تان پاسيرو رھيس اچ سوچيم ڇونه سڄنن کي سڌ ڏجي ته اڃا جيئون پيا.

ساٿيو
عالمي وبا ڪرونا #Covid-19 شھر،ڳوٺ واھڻ۽ وستين کي پنھنجي وحشت ۾ وڪوڙي ڇڏيو آھي.ڏيھاڙيدارن ۽ بيروزگارن جا لٿل منھن جيڪي ھر انيدڙ ويندڙ گاڏين کي تڪي نا اميد ٿي ھيٺ ڪنڌ ڪري روڊن تي ويٺل آھن تن کي ڏسي روح کي رھنڊون لڳن ٿيون. حڪومتي رڳو اعلان آھن ٻيو ته ٺھيو ماڻھن کي ڏيڻ بجائي وچولي ۽ پگھاردار طبقي کان وٺڻ جو سلسلو جاري ساري آھي.
الغرص ائين محسوس ٿئي پيو ته ھر ھڪ NGOs) وغيرھ پنھنجي پنھنجي دڪانداري شروع ڪري ڏني آھي.خبر ۽ ميڊيا ٽي رھڻ جي چڪر ۾ زندگيون داءَ تي لڳل آھن.
خدارا !!!!!!!
گھرن ۾ رھو
مجبورن ٻاھر نڪرڻ وقت احتياتي تدبيرون اختيار ڪريو. جنھن ۾ ٽشو پيپر دستانا پائي نڪرو.
ھي ڏکيو وقت عارضي آھي نيٺ گذري ويندو.
پنھنجو ۽ پنھنجن پيارن جو خيال ڪريو.

ذوالفقاربھڻ
ڪراچي
1-4-2020
 

5000پھريان کان 5000ع تائين سن 5000 ع ۾ جڏھن تون مان نه ھونداسين

  5000 پھريان کان 5000ع   تائين سن 5000 ع ۾ جڏھن تون مان نه ھونداسين   وبائن وحشتن ۽ بربادين باوجود منھنجو ايمان آ ھي وش...