Sunday, May 17, 2020

مصور تصوير ۾ رنگ ڀر شاعر اکرن ۾ ساھ وجھ گھٽ ٻوسٽ ۽ مايوسي


#نڪور #نثري #نظم #ذوالفقاربھڻ
مصور تصوير ۾ رنگ ڀر
شاعر اکرن ۾ ساھ وجھ
گھٽ ٻوسٽ ۽ مايوسي
لاچاري ، ھيڻائي بيوسي
ماڻھو جانور مثل
انت معلوم ھوندي به.....
ھڪ ٻئي جو ماس پيو کائي
رضا، عطا ، قَضي‘ بضد
عذاب ثواب کان بي نياز
معصوم ٻار، اداس فطرت
سمنڊ جيڏيون پريشانيون
ھي بي رنگ ماحول
اداس رستا، ويران شھر.....
ھانءُ وڊيندڙ صبح شامون
آسمان ڇھندڙ ڇولين جيان
جوان جذبن جو قتل
ھڪ دور جي وٿي
ٻاروتڻ کان پوڙھائپ ڏانھن سفر
اڪيلائپ جو سفر
وڇوٽين جو سفر
رت سفيد ٿيڻ جوغم
خوشبو، ٽھڪ، خواب
حقيقت ۾ تبديل ڪر
مصور تصوير ۾ رنگ ڀر
شاعر اکرن ۾ ساھ وجھ

No comments:

Post a Comment

5000پھريان کان 5000ع تائين سن 5000 ع ۾ جڏھن تون مان نه ھونداسين

  5000 پھريان کان 5000ع   تائين سن 5000 ع ۾ جڏھن تون مان نه ھونداسين   وبائن وحشتن ۽ بربادين باوجود منھنجو ايمان آ ھي وش...