Sunday, May 3, 2020

#سفيد_پوش ۽..




#سفيد_پوش ۽..
*************************
ھي سوال اڪثر ماڻھن مونکان به پڇيو ته سائين اڃا ڪيترا ڏينھن ھي لاڪ ڊائون ھلندو؟؟ کين ڪيئن ٻڌايان ۽ ڇا ٻڌايان انگ اکر ته ھڪ خطرناڪ صورتحال جي نشاندھي ڪن پيا، تڏھن به سندن لٿل منھن ڏسي منھنجو به ساڳيوئي جواب ھوندو آھي ته تمام جلد....
پاڪستان ۾ ڪرونا وبا کي تقريبن ھڪ مھينو ٿيڻ وارو آھي.تقريبن 20 ڏينھن کان ملڪ ۾ بيروزگارن ڏيھاڙي ڪمائڻ وارن جا چلھا ٿڌا ٿيڻ لڳا آھن. ھن ملڪ ۾ مڊل ڪلاس ۽ لوئر مڊل ڪلاس تي ھر ڏينھن ھڪ مصيبت جيان گذري رھيو آھي.
روزمرھ جو خرڄ ۽ ھلڪي ڦلڪي بيمارين تي خرچ سمجھ ۾ نٿو اچي ڪيترين جانين کي ڳڙڪائيندو .............اڄ به خبر پڙھيم ته ـ چار ڏينهن اڳ بيروزگاري سبب پاڻ کي باه ڏيندڙ پير محلا واسي نوجوان شاھزيب سھتو فوت ٿي ويو.
ھيترين مصيبتن ۽ آزمائشن جي باوجو مھانگائي عروج تي آھي بي پھچ ۽ بي سھارا ماڻھن کي لٽڻ جو سلسلوخانگي ۽ حڪومتي سطح تي اڄ به جاري ۽ ساري آھي. اڄ به ذخيرھ خور،ملاوٽ ڪرڻ وارا، نقلي شين کي مارڪيٽ ۾ وڪڻڻ وارا ٻين جي مرڻ تي تماشو ڏسڻ وارا، دولت جي ڊير تي ويٺل بي حس، پاڻ کي محفوظ سمجھڻ وارا سمجھي ڇڏين ته وبا امير غريب جو ڪو لحاظ نٿي ڪري.
افسوس ...سفيد پوشي جو سفيد ڪفن ڏانھن سفر جاري ٿي چڪو آھي، حڪمران لاڪ ڊائون لاڪ ڊائون راند ذريعي ماڻھن جي ھمدردي ۽ ڪجھ حڪمران وري لاڪ ڊائون نه لاڪ ڊائون نه واري راند زريعي ھمدردي وٺڻ ۾ مصروف آمطلب ھرڪوئي سياست سياست کيڏي رھيو آھي،ملڪي ۽ عوامي خزاني مان ڪجھ ماڻھن کي ڏيڻ وارا ان تي وڏو خرچوڪري تشھير به ڪرائي رھيا آھن جيڪو پڻ سمجھ کان باھر آھي.
اھا حقيقت آھي ڀلي مسجد، مندر، چرچ، مدرسا،اسڪول، ڪالج ۽ يونيورسٽيون، راندين جا ميدان ۽ ھوٽلون وغيرھ خالي ڇونه ھجن رات ۽ ڏينھن ، موسمون ۽ مھينا ،گرميون ۽ سرديون وسڪارا، گلن جو ٽڙڻ،فصلن جو ٿيڻ ان ڳالھ جي نشاني آھي ته زندگي جاري و ساري رھندي مصيبتون عارضي آھن. بس وس آھر ڪوشش ڪريو.....ٻين جي واھر ڪريو.
دعاگو
#Zulfiqar_Behan_ذوالفقاربھڻ
ڪراچي
12 اپريل 2020

No comments:

Post a Comment

5000پھريان کان 5000ع تائين سن 5000 ع ۾ جڏھن تون مان نه ھونداسين

  5000 پھريان کان 5000ع   تائين سن 5000 ع ۾ جڏھن تون مان نه ھونداسين   وبائن وحشتن ۽ بربادين باوجود منھنجو ايمان آ ھي وش...